آھوجا موھن فقير

آھوجا موھن فقير: صوفي موھن لال ولد پريم داس آھوجا، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ 17 ڊسمبر 1845ع تي ڄائو، ننڍپڻ ۾ ڳوٺ ۾ پيءُ سان گڏ ھٿ ونڊائيندو ھو، سندس طبيعت شروعات کان ئي صوفين ۽ ساڌن جي صحبت ۾ گذري، انھيءَ ڪري نوشھري فيروز جي نقشبندي بزرگ، شاھ نصير الدين صوفيءَ جو معتقد ٿيو. سڄي عمر راڳ ويراڳ ۾ صرف ڪندي آخري عمر، لاڙڪاڻي شھر جي اوڀارين طرف اوتارو (تڪيو) اڏي گذارڻ لڳو. 18 شعبان 1223 ھ/12 مارچ 1925ع تي وفات ڪيائين. سيوھڻ ۾ سندس سماڌي جوڙي وئي، سنڌي ۽ ھندي زبانن ۾ سندس ڪلام ملي ٿو، هو سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو، سندس سمورو ڪلام تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1845.12.17  عيسوي

آھوجا موھن فقير: صوفي موھن لال ولد پريم داس آھوجا ، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ 17 ڊسمبر 1845ع تي ڄائو


1223.08.18  عيسوي

18 شعبان 1223 ھ/12 مارچ 1925ع تي وفات ڪيائين .


1925.03.12  عيسوي

18 شعبان 1223 ھ/12 مارچ 1925ع تي وفات ڪيائين .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه شمس سبزواري ملتاني رح
سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘
طوسي سلسلو
ست پنٿ
شاهه مسعود ولهاري
شطاري
سهروردي سلسلو
بقا بالله
شاهه رڪن عالم
بايزيد بسطامي
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون